ايپل جي شوقينن لاءِ خوشخبري، موبائل فونز سستا ٿي ويا

ايپل 9 سيپٽمبر تي پنهنجا نوان آءِ فون 17، آءِ فون ايئر، آءِ فون 17 پرو ۽ آءِ فون 17 پرو ميڪس متعارف ڪرايا آهن.
پر نوان آءِ فونز متعارف ڪرائڻ سان گڏ ڪمپني طرفان پراڻي ماڊلز جي اگهن ۾ وڏي لاٿ به ڪئي وئي آهي.
ايپل طرفان آءِ فون 16 ۽ آءِ فون 16 پلس جي اگهن ۾ 100 ڊالرن جي لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 2024 جو آءِ فون 16 هاڻ 699 ڊالرن ۾ ملندو.
اهڙي ريت آءِ فون 16 پلس خريدڻ لاءِ هاڻ 799 ڊالر ادا ڪرڻا پوندا.
هاڻ آءِ فون 16 اي ان ڪمپني جو سستو ترين فون آهي، ان جي قيمت ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي ۽ اهو 599 ڊالرن ۾ ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.