علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سيشن عدالت شراب ۽ هٿيار برآمدگي ڪيس ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
جڊيشل ميجسٽريٽ مبشر حسن چشتي، علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، علي امين گنڊاپور طرفان عدالت ۾ ڪو به پيش نه ٿيو.
عدالت علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪري 17 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف بارا ڪهو ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.