سوشل ميڊيا جيئري جاڳندي ڪاجل اگروال کي ماري ڇڏيو، اداڪارا وضاحت ڏيڻ تي مجبور!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ڪاجل اگروال سوشل ميڊيا تي پنهنجي موت جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو.
40 ورهين جي اداڪارا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ موت جي خبرن تي ردعمل ڏنو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته هوءَ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي.
ڪاجل اگروال پاڻ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته هوءَ مڪمل طور صحتمند ۽ محفوظ آهي.
هن چيو ته اهڙين خبرن تي يقين ڪرڻ بدران سچائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مداح سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ ڪوڙين خبرن تي يقين نه ڪن ۽ تصديقي ذريعن وٽان ڄاڻ حاصل ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.