شاهراهه ڀٽو کي ڪو گهارو ناهي لڳو: سنڌ حڪومت جي ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد شاهراهه ڀٽو کي گهارو لڳڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ سمعتا افضال سيد چيو ته توڙي جو ملير ندي ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي پر شاهراهه ڀٽو کي ڪنهن قسم جو ڪٽ ناهي لڳو.
هن چيو ماضي ۾ به اهڙي قسم جون خبرون پکيڙيون ويون هيون ته شاهراهه ڀٽو ٽٽي رهيو آهي، عوام لاءِ کوليل روڊ مڪمل طور محفوظ ۽ درست حالت ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو کي وڌائڻ جو ڪم جاري آهي، جتي جتي اڏاوتون ٿي رهيون آهن، اهي ئي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪري سوشل ميڊيا تي غلط تاثر ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.