نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ايشوريا راءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس پليٽ فارمز خلاف عدالت پهچي وئي.
ايشوريا جي وڪيلن جي ٽيم ڪيترن ئي اي آءِ پليٽ فارمز خلاف اداڪارا جي تصويرون، وڊيوز ۽ آواز نامناسب مواد لاءِ استعمال ڪرڻ تي نئين دهلي جي عدالت ۾ گڏيل درخواست داخل ڪئي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته آن لائن پليٽ فارمز کي هٿرادو ڏاهپ سان تيار ڪيل فحش مواد لاءِ اداڪارا جو نالو، تصويرون ۽ آواز بنا اجازت ۽ غير قانوني طور استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
درخواستگذار موجب اداڪارا جو نالو، تصويرون ۽ آواز مختلف اي آءِ پليٽ فارمز طرفان ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري نامناسب اي آءِ وڊيوز لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سندس ڪردار ڪشي ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اهو سڀ بند ٿيڻ گهرجي.
ايشوريا راءِ جي وڪيلن جي ٽيم درخواست ۾ هڪ فهرست به فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ اداڪارا جي نالي سان جڙيل جعلي ۽ فحش ويب سائيٽس جا نالا لکيل آهن.
اداڪارا جي درخواست تي عدالت نومبر تائين ڌرين کي دليلن سميت طلب ڪري ورتو.
ايشوريا راءِ پنهنجون تصويرون فحش مواد لاءِ استعمال ڪرڻ تي اي آءِ پليٽ فارمز خلاف عدالت پهچي وئي
You might also like