گڏاپ جي ڪونڪر ندي ۾ 3 گاڏيون لڙهڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي ويا، 3 جا لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گڏاپ جي ڪونڪر ندي ۾ ٽي گاڏيون لڙهڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 4 جي ڳولا جاري آهي.
اڱاري جي رات شهر ۾ تيز برسات دوران گڏاپ سٽي ٿاڻي جي علائقي سپر هاءِ وي گڏاپ ٽائون ۾ ڪونڪر ندي ۾ رڪشو ۽ ٻه گاڏيون لڙهي ويون، جنهن سبب انهن ۾ سوار 7 ڄڻا ٻڏي ويا هئا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ ٻڏي ويلن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو هو پر ندي ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سبب ريسڪيو آپريشن روڪيو ويو هو.
اربع جي صبح ايڌي فائونڊيشن طرفان ٻڏي ويلن جي ڳولا لاءِ وڏي پيماني تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ عورت سميت 3 ڄڻن جا لاش ڪڍي گڏاپ ٽائون ٿاڻي منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ 4 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.