ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات سبب 4 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته صورتحال قابو ۾ آهي.
شهر جي مختلف علائقن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت درياهن جي پيٽ ۾ سوسائٽين کي جاءِ ناهي ڏني، درياهه جو رستو روڪڻ قدرت سان مقابلو آهي، ٻوڏ سبب شاهراهه ڀٽو جي تعمير ٿيندڙ هڪ حصي کي نقصان پهتو آهي.
هن چيو ته اسان جي ڪمزورين جي نشاندهي ضرور ڪيو، ان تي اسان خوش ٿيندا آهيون پر لساني بنيادن تي تنقيد نه ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته مان ڪالهه بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سکر ۽ گڊو بيراج جو معائنو ڪيو، ٻوڏ جي حوالي سان اسان جي تياري مڪمل آهي.
You might also like