امڪاني ٻوڏ سبب هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن جو پوليس سان رابطو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز)  سنڌو درياهه جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوھارين خلاف جاري آپريشن دوران 260 کان وڌيڪ ڏوھارين پوليس سان رابطو ڪري ورتو۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن حڪومت کي شرط رکي آهي ته اسان جي معاشري ۾ ٻيهر شموليت لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ذريعن موجب، امڪاني ٻوڏ جي صورتحال به ڏوھارين جي هٿيار ڦٽو ڪرڻ جو اهم ڪارڻ مان هڪ آهي، ڪچو ايريا مانيٽرنگ ڪاميٽي  جي افتتاحي اجلاس ۾ هن معاملي تي غور ڪيو ويو، جتي ڏوھارين خلاف آپريشن، سيڪيورٽي صورتحال ۽ صوبائي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو، لاڙڪاڻي پوليس اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪچي جي علائقي ۾ 260 کان وڌيڪ ڏوھاري هٿيار ڇڏڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته اجلاس جي صدارت ڪندڙ صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته هٿيار ڇڏڻ جي عمل کي قانون موجب سختي سان هلايو ويندو، هن چيو ته جيڪي ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهين ٿا ته ان حوالي سان پهريان قانون موجود آهي ته انهن کي ڪهڙي طرح سان منهن ڏنو ويندو، سنڌ حڪومت ڪچي جي ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.