محسن نقوي ۽ سلمان آغا سان هٿ ملائڻ تي ڀارت ۾ پِٽڪو، سوريا ڪمار غدار قرار

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي ۽ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ ملائڻ تي ڀارتين غدار قرار ڏئي ڇڏيو.
ايشيا ڪپ 2025 جي ٽرافي جي رونمائي ۽ ڪپتانن جي پريس ڪانفرنس جي موقعي تي سوريا ڪمار يادو، محسن نقوي ۽ سلمان علي آغا سان هٿ ملايو، جنهن جون تصويرون وائرل ٿي ويون.
تصويرون وائرل ٿيندي ئي ڀارتي شدت پسندن سوريا ڪمار تي تنقيد شروع ڪئي ۽ کيس غدار قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ واهپيدار سوريا ڪمار ۽ بي سي سي آءِ کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ديش اها غداري ڪڏهن نه وساريندو، ٻئي واهپيدار لکيو ته اهي اسان جي دشمنن سان هٿ ملائي رهيا آهن، مون کي خبر ناهي ته آئيني ۾ اهي پنهنجي شڪل ڪيئن ڏسندا هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.