ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، وفاق بي آءِ ايس پي ذريعي متاثرن جي مدد ڪري: بلاول

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان مڪمل تياري ڪري چڪي آهي، وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي فوري طور مالي مدد ڪري ۽ سڄي ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.
سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، مان گڊو ۽ سکر بيراج جي حوالي سان بريفنگ ورتي آهي، سنڌ حڪومت جي مڪمل تياري آهي، ڪچي جي علائقي مان ماڻهن جي نڪرڻ جي رفتار سست آهي، انهن کي انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ ۾ فوري طور زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ هارين جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اڄ اسان هارين جي مدد ڪنداسين ته فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا نه ٿيندا.
سندس چوڻ هو رب پاڪ کان دعا آهي ته پاڪستان جو عوام قدرتي آفتن کان بچي ۽ اسان کي اختلاف وساري قدرتي آفتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، مودي سنڌو تي تاريخي حملو ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته صوبا ڀائر بڻجي مقابلو ڪن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڊيم ٺاهڻ جي مخالف ناهي پر تڪراري ڊيمن سبب علائقن کي خطرا ٿي سگهن ٿا، ڪير آهن جيڪي اهڙيون تجويزون ڏئي صوبن ۾ اختلاف ٿا پيدا ڪن، سنڌ کان ٻاهر آهي ته سنڌ تي ڊيم ٺاهڻ جا شوشا ڇو ڇڏيا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.