دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان کي پاڪ – ڀارت ميچ بابت ڪا خاص هدايت ناهي ملي، اسان جو ڌيان راند ۽ ڪارڪردگي تي آهي.
دبئي ۾ ايشيا ڪپ جي ٽرافي جي رونمائي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي ڪئي، ان موقعي تي سڀني ٽيمن جي ڪپتانن صحافين سان گفتگو پڻ ڪئي.
سلمان علي آغا چيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪنهن کي فيوريٽ نٿو چئي سگهجي، هڪ ٻه اوورن ۾ راند تبديل ٿي وڃي ٿي، ٽي ملڪي سيريز ۾ اسان کي ايشيا ڪپ جي تياري لاءِ سٺو موقعو مليو، پاڪستاني رانديگرن کي دبئي ۾ کيڏڻ جو تجربو آهي، ايشيا ڪپ ۾ هر چيلينج قبول ڪيون ٿا ۽ پراعتماد آهيون.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ٽيم لاءِ ڪي خاص هدايتون ناهن، بس اهو ئي هدف آهي ته 100 سيڪڙو پرفارم ڪيون، اسان هڪ ٽيم جيان سٺو پرفارم ڪيو آهي ۽ اڳتي به ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پاڪ – ڀارت ميچ لاءِ ڪا خاص هدايت ناهي ملي، اسان جو ڪم سٺو پرفارم ڪرڻ آهي: سلمان آغا
You might also like