ڀارت ستلج ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏي ڏنو، پاڪپتن ۾ 23 ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويا، هزارين ماڻهو متاثر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ستلج درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏي ڏنو، جنهن سبب درياهه ۾ وهڪري ۾ واڌ ٿي وئي.
ڀارت پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ذريعي آبي وسيلن واري وزارت کي پاڻي ڇڏڻ بابت آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ فلڊ الرٽ جاري ڪيو ويو.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ ستلج درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿي وئي آهي، هن وقت هريڪي ڊائون اسٽريم ۽ فيروز پور ڊائون اسٽريم ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي.
پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
هوڏانهن ستلج درياهه ۾ هيڊ سليمانڪي وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ هيل تائين پاڪپتن ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن مان 24974 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.
فلڊ ڪنٽرول روم موجب ٻوڏ سبب 23 ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويا ۽ 53 جزوي طور پاڻي هيٺ آيا آهن، 64663 آبادي متاثر ۽ 66913 ايراضي ٻڏي وئي آهي، جڏهن ته 4106 ڍورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.