اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ بجلي بلن تي جنرل سيلز ٽيڪس، ايف سي سرچارج ۽ فڪس چارجز ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي جنرل سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائز ڊيوٽي جي خاتمي جي به تجويز غور هيٺ آهي، ان کانسواءِ بجلي جي بلن تي انڪم ٽيڪس سميت ٻيا ٽيڪس ختم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
You might also like