ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو جاري، هڪ ٻيو اسپيل اچڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ايندڙ هڪ ٻه ڏينهن ۾ نئون اسپيل اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي سسٽم جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي ۽ هاڻ اهو سسٽم ڊيپ ڊپريشن مان ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي موجب سسٽم جو مرڪز اڃا ڪراچي جي ڀرسان اچڻ باقي آهي ۽ شهر ۾ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ برسات جو نئون اسپيل اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.