خيبر پختونخواهه ۾ هزارين خارجي دهشتگرد عام آبادين ۾ لڪيل، سيڪيورٽي فورسز لاءِ چيلينج

پشاور (ويب ڊيسڪ) سرڪاري اختيارين چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ 8 هزار کان وڌيڪ خارجي دهشتگرد موجود آهن، جيڪي عام آبادي ۾ پناهه وٺي فورسز تي حملا ڪندا آهن.
سرڪاري اختيارين موجب اهي دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان آيا آهن، 8 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد پشاور، ٽانڪ، ڊي آءِ خان، بنون، لڪي مروت، سوات، باجوڙ، خيبر، شانگلا ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ آهن.
سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سي پيڪ روڊ، ڊي آءِ خان کان بنون ۽ ٽانڪ ۾ ناڪا به لڳائيندا آهن، عام آبادي ۾ پناهه وٺندڙ دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪندا آهن، جنهن سبب سيڪيورٽي فورسز کي جوابي ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.
اختيارين ٻڌايو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ جرڳن ۾ قبيلائي اڳواڻ افغانستان مان دهشتگردن جي دراندازي تي ڪاوڙيل هئا ۽ هنن اهو معاملو افغان حڪومت اڳيان اٿارڻ جو مطالبو ڪيو.
سرڪاري اختيارين موجب اتر وزيرستان ۽ باجوڙ ۾ ڪجهه هفتن ۾ سيڪيورٽي فورسز دراندازي ڪندڙ 80 دهشتگردن کي ماريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.