نيپال: سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف ”جنريشن زي “ جو احتجاج، چڪرين ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف ٿيل احتجاجي مظاهرن دوران پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پاڻ ”جنريشن زي“ سڏائيندڙ احتجاج ڪندڙن جي سڏ تي کٽمنڊو ۾ پارليامينٽ جي عمارت ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿيا هئا.
واضح رهي ته نيپال ۾ حڪومت فيسبڪ، ايڪس ۽ يوٽيوب سميت ڪيئي سوشل ميڊيا پليٽفارمز کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
نيپال جي مواصلات واري وزير پرٿوي سبا پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس کي احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻو پيو، ان دوران نه رڳو واٽر ڪينن ۽ لٺبازي ڪئي وئي، مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن رٻڙَ جون جون گوليون پڻ هلايون ويون.
حڪومت جو موقف آهي ته جعلي خبرن، چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ آن لائين ٺڳيءَ جي روڪٿام لاءِ سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ ضروري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، کٽمنڊو ۾ احتجاج ڪندڙن کي هٿن ۾ بئنر کنيل آهن، جن تي لکيل هو ”بس، گهڻو ٿيو “ ۽ ”ڪرپشن ختم ڪريو“ جهڙا نعرا لکيل آهن.
ڪجهه احتجاجي ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو حڪومت جي ”آمراڻن روين“ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن احتجاج ڪندڙ ارليامينٽ واري علائقي ۾ پهتا ته ڪجهه ماڻهو پارليامينٽ جي ڀت تي به چڙهي ويا.
کٽمندو پوليس جي ترجمان شيکر کنال موجب، احتجاج دوران رڳو ملڪي راڄڌاني م ئي 17 ماڻهو ڄڻا مارجي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته ” ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال تڏهن ڪيو جڏهن مظاهرين ريڊ زون واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.“
کٽمنڊو ضلعي آفيس جي ترجمان موجب، پارليامينٽ ۽ ان سان لڳندڙ علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ هڪ ٻيو احتجاجي مظاهرو نيپال جي شهر اٿاري ۾ به ٿيو، جتي مقامي پوليس موجب ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن.
ياد رهي ته گذريل هفتي نيپال ۾ اختيارين 26 سوشل ميڊيا پليٽفارمز کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا ۽ چيو ويو هو ته اهي ڪمپنيون ملڪ جي قانونن تحت مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت وٽ پنهنجي رجسٽريشن نٿيون ڪرائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.