ايشيا ڪپ فاتح ٽيم کي ڪيتري انعامي رقم ملندي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع 9 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي.
ايشيا ڪپ 2025ع جا مقابلا ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيا ويندا، جنهن لاءِ 8 ٽيمن کي ٻه گروپن ۾ ورهايون ويو آهي، ڀارت ٽورنامينٽ جو ميزبان آهي، جيڪو ٽائيٽل جو دفاع پڻ ڪندو.
ميگا ايونٽ جي گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، اومان ۽ يو اَي اِي شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جي ٽيمن کي رکيو ويوآهي.
ٽورنامينٽ افتتاحي ميچ سڀاڻي گروپ بي ۾ شامل افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
شوقينن کي نه رڳو دلچسپ ۽ سنسني خيز ميچن جو انتظار آهي پر هو ايشيا ڪپ 2025 جي انعامي رقم بابت به تجسس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

ايشيا ڪپ فاتح ٽيم کي ڪيتري انعامي رقم ملندي؟
رپورٽن موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اڃا تائين ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو باظابطا اعلان ناهي ڪيو، پر ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ انعامي رقم بابت تفصيل سامهون آيون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ايشيا ڪپ 2025 جي فاتح ٽيم کي 3 لک آمريڪي ڊالر (ساڍا اٺ ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ملندا، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي ڏيڍ لک آمريڪي ڊالر (چار ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.