ايشيا ڪپ سڀاڻي کان شروع، افغانستان جو هانگ ڪانگ سان دنگل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو 17 هون ايڊيشن سڀاڻي کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ ايونٽ ۾ شامل هڙني ٽيمن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
ايشيا ڪپ 2025ع جا مقابلا ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيا ويندا، جنهن لاءِ 8 ٽيمن کي ٻه گروپن ۾ ورهايون ويو آهي، ڀارت ٽورنامينٽ جو ميزبان آهي، جيڪو ٽائيٽل جو دفاع پڻ ڪندو.
ٽورنامينٽ افتتاحي ميچ سڀاڻي گروپ بي ۾ شامل افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ جي گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، اومان ۽ يو اَي اِي شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ جي ٽيمن کي رکيو ويوآهي.
ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت مقابلو 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندو.

ايشيا ڪپ جي تاريخ تي مختصر نظر
سال 1984 ۾ شروع ٿيل ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا اڄ تائين 16 ايڊيشن ٿي چڪا آهن.
ڀارت سڀ کان وڌيڪ ايشيا ڪپ کٽيندڙ ملڪ آهي جنهن 8 ڀيرا ٽورنامينٽ پنهنجي ڪئي.
ڀارت 1984، 1988، 1990-91، 1995، 2010، 2016، 2018 ۽ 2023 ۾ ايشيا ڪپ کٽيو.
سريلنڪا 6 ڀيرا ايشيا ڪپ جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، آءِ لينڊرز 1986، 1997، 2004، 2008، 2014 ۽ 2022 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
پاڪستان ٻه ڀيرا ايشيا ڪپ کٽيو آهي، گرين شرٽس پهريون ڀيرو 2000 ۾ ۽ آخري ڀيرو 2012 ۾ فاتح رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.