30 ورهين بعد اُرميلا جو ” رنگيلا ري “ تي رقص، ماحول گرمائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ارميلا ماٽونڊڪر جي فلم ”رنگيلا“ جي رليز کي 30 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي شيئر ڪيل ڊانس وڊيو وائرل ٿي وئي.
ارميلا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن سان پنهنجي 1995ع رليز ٿيل فلم جي مشهور ٽائٽل ٽريڪ ” رنگيلا ري“ تي رقص ڪندي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي.
رام گوپال ورما جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم ” رنگيلا “ جو اِهو گانو ” رنگيلا ري “تمام گهڻو مشهور ٿيو هو.
تازي وڊيو ۾ اُرميلا کي آسماني ۽ اڇي رنگ جو شارٽ فراڪ پهريل آهي ۽ هوءَ انهي گيت تي جُهومندي نظر اچي رهي آهي.
ان وڊيو تي مداحن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.
ڪجهه مداحن جو چوڻ آهي ته لڳي ئي نٿو ته اداڪارا جي عمر هن وقت 51 سال آهي ۽ ٽيهه ورهيه وهامي وڃڻ باوجود به پنهنجي ان گيت تي شاندار پرفارم ڪري رهي آهي.
مداحن اُرميلا جي فٽنيس جي واکاڻ ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو ا ظهار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.