اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ڌونيءَ جي فلمن انٽري؟ ڌماڪيدار ٽيزي جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار آر ماڌون طرفان جاري ڪيل هڪ ٽيزر سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي، ٽيزي جي خاص ڳالهه اِها آهي ته ان ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو عظيم ترين ڪپتان مهندرا سنگھه(ايم ايس) ڌوني ايڪشن سين ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
آچر ڏينهن آر ماڌون پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ٽيزر شيئر ڪيو، جنهن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ايم ايس ڌوني ۽ ماڌون کي ڪارن يونيفارم تي بُلٽ پروف جيڪٽ پهريل آهي ۽ ٽيز مان محسوس ٿئي ٿو اته هو ڪنهن اسپيشل ٽاسڪ فورس جو حصو آهن.
ٽيزر ۾ ڌوني ۽ ماڌون کي هٿن ۾ هٿيار کنيل آهن ۽ ظاهر آهي ته هو ڪنهن مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏوهاري ٽولي ڪندي مٿن فائرنگ ڪري رهيا آهن.
ماڌون پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”ون مشن، ٽو فائيٽرز “
ايڪشن سان ڀرپور ٽيزر مداحن کي ِ وڌيڪ پرجوش ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آر ماڌون طرفان اڃا تائين اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته هي ويب سيريز آهي يا فلم؟ يا ڪجهه ٻيو؟
مداحن طرفان ٽيزر کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي ۽ هو ڌوني ايڪشن سين ڪندي کين دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيزر سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڄوٻول پڻ شروع ٿي ويا آهن ته ڌوني ڪرڪيٽ فيلڊ بعد هاڻي فلمن ۾ به نظر ايندو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” هي فلم هئڻ گهرجي ڇو ته ٽيزر تجسس سان ڀرپور آهي.“ جڏهن ته ڪجهه مداحن جو خيال آهي ته هي شايد ڪنهن وڏي اشتهار جي شوٽنگ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.