ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ”بيبو، ڪرينا ڪپور جي اها وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هن پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم سان گڏ ميوزڪ وڊيو ٺاهڻ جي چونڊ ڪئي، جنهن تي مداحن دلچسپ تبصرا به ڪيا.
ڪريينا ڪپور تازو برطانيا جي شهر برمنگهم ۾ زيورن جي ڪليڪشن متعارف ڪرائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجن مشهور گيتن تي رقص پڻ ڪيو.
تقريب دوران ڪجهه سوال جواب به ٿيا، ان دوران کائنس پڇيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ سپر اسٽار بڻجڻ کان اڳ ڪنهن پاڪستاني گلوڪار سان ميوزڪ وڊيو ٺاهي ها ته اهو ڪير هجي ها؟
ان سوال تي ڪرينا ڪپور چيو ته ائين ڪڏهن نه ٿئي ها، پر جيڪڏهن لازمي جواب ڏيڻو آهي ته اُهو عاطف اسلم هجي ها.
اداڪارا کان سوال ڪندڙ ميزبان کيس ٻڌايو ته اهو سوال چيٽ جي پي ٽي تي تيار ڪيو ويو هو ۽ ان جي جواب ۾ چيٽ جي پي ٽي عاطف بدران علي ظفر جو نالو ٻڌايو هو، جنهن تي ڪرينا ڪپور به دنگ رهجي وئي ۽ ان جواب کي غلط قرار ڏنو.
تقريب دوران ڪرينا ڪپور پنهنجن مشهور فلمي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ۽ پنهنجا مشهور مڪالما پڻ ورجايا.
تقريب ۾ نه رڳو ڀارتي پر پاڪستاني مداح به وڏي انگ ۾ موجود هئا، جن ڪرينا سان گڏ تصويرون ۽ وڊيوز به ٺاهيو، جيڪي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.