ملڪ مان ناياب معدنيات ڪڍڻ لاءِ حڪومت ۽ آمريڪي ڪمپنين وچ ۾ معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي معدنيات ڪڍندڙ ٽن مشهور ڪمپنين جو هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، ملڪ اندر موجود سون، ٽامي ۽ ٻي ناياب معدنيات ڪڍڻ بابت وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي موجودگيءَ ۾ حڪومت ۽ آمريڪي فرمز وچ ۾ ٻن ايم او يو تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
معدنيات، کوٽائي ۽ انفراسٽرڪچر سيڪٽر جون عالمي ڪمپنيون ”يونائيٽڊ اسٽيٽس، اسٽرٽيجڪ ميٽلز ۽ موٽا اينگل“ جي نمائندن تي ٻڌل وفد 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ موجود رهيو.
ان دوران وفد پاڪستان ۾ معدني وسيلن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي، انهن جي قدر وڌائڻ ۽ کوٽائيءَ وارن آپريشنز جو جائزو ورتو.
وفد وزيراعظم شهباز، چيف آف آرمي اسٽاف، فيلڊ مارشل عاصم منير، پيٽروليم واري ۽ واپار واري وفاقي وزير سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين پاڪستان جي وسيع معدني وسيلن، جن ۾ ٽامي، سون ۽ ناياب زميني عنصر شامل آهن، بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
هي دورو پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سهڪار سان ٿيو، جنهن سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ اجاگر ٿيا.
دورو ڪندڙ ڪمپنين ملڪ اندر ”ويليو ايڊيشن“ جون سهولتون قائم ڪرڻ، معدنيات جي پروسيسنگ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ کوٽائي سان لاڳاپيل وڏن بنيادي ڍانچن جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو.
دوري دوران ٻنهي حڪومتن وچ ۾ ناياب زميني عنصر (REEs) ۽ لاجسٽڪ خدمتن سميت اهم معدنيات جي ترقي ۽ پروسيسنگ تي ڌيان ڏيڻ بابت ٻن مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.