سُپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ لاءِ ججن کان رايا ورتا، جن کي اعتراض آهي اُهي لکت ۾ راءِ ڏين: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰٰ آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ لاءِ ججز کان راءِ ورتي وئي هئي، جيڪي ميمبر اعتراض کي اعتراض آهي ، اُهي لکت ۾ راءِ جمع ڪرائين.
اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته فيسليٽيشن سينٽر پهرين آڪٽوبر کان مڪمل ڪم شروع ڪندو، جتي سموري ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي. ٽيڪنالاجي جي ذريعي انصاف کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻو آهي، جڏهن ته اي-سروسز جي شروعات پڻ ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ڪيسن کي جلد اڪلائڻ ترجيحن ۾ شامل آهي، عدالتي نظام ۾ شفافيت سان انصاف ممڪن ٿيندو، اڳ ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ ڪيس جون درخواستون سالن تائين چيف جسٽس جي ڪمري ۾ پيل هونديون هيون، هاڻ اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، اڄ اعلان ڪري رهيو آهيان ته اسان اندورني آڊٽ به ڪرايو آهي.
جسٽس يحيٰٰ آفريدي موجب، سپريم ڪورٽ رولز ۾ ججز جي موڪلن وارو معاملو به واضح ڪيو ويو آهي، عدالتي موڪلن دوران ڪنهن جج کي اجازت جي ضرورت نه هوندي، پر عام موڪلن کانسواءِ ٻئي موڪلن لاءِ اطلاع ڏيڻ لازمي هوندو.
چيف جسٽس ٻڌايو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ججز خلاف 64 شڪايتن تي فيصلا ٿي ويا آهن، 72 شڪايتون راءِ لاءِ ميمبرن کي ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته باقي 65 ڪيس به جلد ججز کي ڏنا ويندا.
هن چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين سپريم جڊيشل ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿيندي، اصول اهو آهي ته ”پهرين آيل ڪيس کي پهرين ٻڌنداسين، ائين نه ٿيندو ته ڪنهن هيٺين سطح وارو ڪيس اوچتو مٿي آڻي ڇڏيون.“
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ججز جي پروٽوڪول ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، منهنجي سڪيورٽي لاءِ 9 گاڏيون هونديون هيون، پر مون چيو ته عدالت ۽ رهائش ريڊ زون ۾ آهي، ايتري سڪيورٽي جي ضرورت ناهي، هاڻي رڳو ٻه گاڏيون رکيو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.