اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چئن ججن فل ڪورٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي چيف جسٽس پاڪستان يحيٰٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو .
انڪار ڪندڙ ججن ۾ جسٽاس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن، جن پنهنجي گڏيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته سندن خط کي فل ڪورٽ ميٽنگ جي منٽن جو حصو بڻايو وڃي.
گڏيل خط ۾ چيو ويو آهي ته فل ڪورٽ ميٽنگ جو خط مليو، پر اسان شرڪت نه ٿا ڪري سگهون. رولز منظوري لاءِ ڪڏهن به فل ڪورٽ آڏو نه رکيا ويا، اجلاس جا منٽس به عام ڪيا وڃن، اسان جي راءِ ۾ اهي رولز غير قانوني ٿي چڪا آهن.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته فل ڪورٽ لاءِ رڳو هڪ نڪاتي ايجنڊا رکي وئي آهي، جنهن ۾ نوَن رولز سبب پيدا ٿيل مسئلن جي خاتمي جو ذڪر آهي، بنيادي اعتراض ختم ٿيڻ تائين هن اجلاس ۾ شرڪت جو ڪو فائدو ناهي.
سپريم ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط ۾ چيف جسٽس طرفان جوڙيل ڪميٽي جو به ذڪر آهي ۽ چيو ويو آهي ته رولز جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي ورتي وئي، جڏهن ته سرڪيوليشن روزمره جي عام معاملن تائين هڪ سهولت هوندي آهي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رولز اڳ ئي 9 آگسٽ تي نوٽيفاءِ ٿي چڪا آهن، ان موقعي تي فل ڪورٽ اجلاس سڏائڻ ”پزلنگ“ آهي.
سُپريم ڪورٽ جي چئن ججن جو فل ڪورٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار، چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو
You might also like