اين ايف سي ايوارڊ ۽ 27هين ترميم بابت وفاقي ادارن جو پيپلزپارٽي تي دٻاءُ وڌي ويو

لاهور (امداد سومرو) سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ وڏيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف ظاهري طور ڪارروائي شروع ٿي آهي، پر اصل نشانو صدر آصف علي زرداري آهي. ظاهري طور لڳي ٿو ته مراد علي شاهه جي حڪومت خطري ۾ آهي پر حڪمران اتحاد خطري ۾ آهي. ذريعن موجب، مراد علي شاهه جي ويجهن ساٿين سليم بجاري، محمد علي شيخ ۽ قاضي اعجاز بابت خبرون آهن ته انهن جا پاسپورٽ غيرفعال ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ جا افواهه به گردش ۾ آهن، سپريم ڪورٽ ۾ سندس ٻٽي شهريت وارو ڪيس به آئيني بئنچ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته معاملو رڳو ڪرپشن تائين محدود ناهي، پر اصل راند اين ايف سي ايوارڊ ۽ 27هين آئيني ترميم سان لاڳاپيل آهي. اطلاعن مطابق، وفاقي ادارا پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن ته صوبن کي ملندڙ وسيلا ۽ معدنيات تي اختيار گهٽائي وفاق جو حصو وڌايو وڃي. پيپلزپارٽي شايد صدارت يا صوبائي حڪومت جي قرباني ڏئي ڇڏي، پر اين ايف سي اوارڊ ۽ منرلز تي صوبن جي حق تان پوئتي نه هٽندي. اها ڳالهه به آهي ته هو صدر زرداري کي هٽائي نٿا سگهن، هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي ته الڳ ڳالهه آهي. هنن اپائن جو مقصد اڳتي هلي وڏين آئيني تبديلين لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي، جڏهن ته ظاهر ۾ مراد علي شاهه ۽ سندس ساٿي نشاني تي آهن، پر اصل تڪرار زرداري صاحب ۽ صوبن جي وسيلن بابت آهي. ان کان اڳ اهو پڻ لڳي رهيو هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ٽڪراءُ ضرور ٿيندو. هاڻي جڏهن ٻوڏ جي صورتحال نارمل ٿيندي ته پوءِ اوهان کي ڇڪتاڻ ٿيندي نظر ايندي. ڪجهه وقت اڳ سهيل وڙائچ مضمون لکيو هو ته اسٽيبلشمينٽ آصف علي زرداري کي بار سمجهي ٿي، هي اتحاد مجبوري آهي، جيئن ئي موقعو ملندو، صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر مان فارغ ڪيو ويندو، صحافي اعزاز سيد به اها خبر ڏني ته صدر کي هٽايو پيو وڃي. پوءِ محسن نقوي ترديد ڪئي هئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 08 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.