ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هلندڙ افواهن بابت چيو آهي ته جسٽس قاضي فيض عيسيٰ هن جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي نظرثاني داخل ڪئي وئي آهي ۽ ممڪن آهي ته ان کي آئيني بينچ ڏانهن موڪليو وڃي. هن انهن خبرن کي رد ڪيو ته سندس ويجهن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ عوام کي چيو ته غلط خبرن تي ڌيان نه ڏين.