ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ تيز برسات کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي.
هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سامونڊي پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڪِرِيڪ جو پاڻي نهرِ خيام ۾ وڃي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن شهر ۾ تيز برسات ٿيندي ته پاڻي جي وهڪري کي منهن ڏيڻ وڏو چئلينج هوندو.
ان کانپوءِ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته معاملو اختيارن ۽ وسيلن جو نه پر ڪم ڪرڻ جي نيت جو هو، نالن جي صفائي سبب نيڪال جو ڪم ٿي سگهيو، هاڻي نالن جي صفائي اطمينان بخش آهي.
هن چيو ته اورنگي، گجر ۽ محمودآباد نالن تي صفائي مڪمل ڪئي وئي آهي، ٻين ننڍن نالن تي اڄ به مشينري موجود آهي، انڊرپاسن ۾ پاڻي نيڪال لاءِ پمپ لڳايا ويا آهن ۽ هيٺاهين علائقن ۾ عملي کي مشينن ساڻ مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ماڻهن کي اپيل آهي ته نالن جي گنجائش 40 ملي ميٽر آهي، ان کان وڌيڪ برسات جو اثر ضرور پوندو.
سندس چوڻ هو ته برسات ۾ ماڻهو گهٻرائجي آفيسن مان جلد نڪرندا آهن، جنهن ڪري بحالي وارن ڪمن ۾ ڏکيائيون اچن ٿيون. مختلف شاهراهن تي ڪئمپ لڳايا ويا آهن، جتي پاڻي ۽ بسڪٽ رکيا ويا آهن.
مرتضيٰ وهاب چيو ته شهرين کي اپيل آهي ته برسات دوران فوري طور ٻاهر نه نڪرن، برسات کانپوءِ علائقن کي صاف ڪرڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ گهربل هوندا آهن، وسڪاري وقت ماڻهو جتي هجن، اتي ئي محدود رهن. جيڪڏهن برسات کانپوءِ پاڻي گڏ ٿئي ته عملو ٻن کان اڍائي ڪلاڪن اندر پاڻي ڪليئر ڪري ڇڏيندو.
You might also like