شيخ اياز يونيورسٽي ۾ شاگردياڻيون هراسان ٿيڻ لڳيون،گهر تي ڇاپو،اٽينڊنٽ فرار

شڪارپور (رپورٽ زاھد سنجراڻي )شڪارپور شيخ اياز يونيورسٽي ۾ اٽينڊنٽ پاران  پڙھندڙ  شاگردياڻين کي حراسان ۽ بليڪ ڪرڻ جو الزام  پوليس جي يونيورسٽي جي اٽينڊنٽ جي گھر تي چڙھائي اٽينڊنٽ فرار  پوليس عيوضي ۾ سندس ڀاء کي   گرفتار ڪري ورتو لاڪپ حوالي شاگردياڻين کي بليڪ ميل حراس ڪرڻ جو ڊپٽي ڪمشنر نوٽس ورتو سب رجسٽرار کي واقعي جي جاچ جو حڪم رجسٽرار پاران الزام ھيٺ ايل اٽينڊنٽ ۽ شاگردياڻين کي جاچ لاء طلب ڪري ورتو تفصيل موجب شيخ اياز يونيورسٽي ۾ اٽينڊنٽ طارق ڦلپوٽو پاران يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي هراسان ڪري  بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي الزام ھيٺ آيل يونيورسٽي جي اٽينڊنٽ جي گھر تي نيو فوجداري پوليس  لکيدر لڳ چڙھائي ڪري ڇاپو ھنيو پوليس جي اچڻ کان اڳ ئي اٽينڊنٽ فرار ٿي ويو پوليس گھر مان سندس ڀاء تحسين ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري چڏيو آھي جڏھن ته شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري هراسان ڪرڻ واري اطلاع بعد ڊپٽي ڪمشنر شڪيل ابڙو نوٽيس وٺندي يونيورسٽي جي سب رجسٽرار  بختيار ڪٻر کي جاچ جو حڪم ڏنو آھي سب رجسٽرار اڄ شاگردياڻين ۽ اٽينڊنٽ کي جاچ لاءِ گھرائي ورتو آھي انھي حوالي سان رابطي ڪرڻ تي عوامي آوازسان ڳالھائيندي شيخ اياز يونيورسٽي جي سب رجسٽرار  بختيار ڪٻر ٻڌايو ته يونيورسٽي  جي اٽينڊنٽ  مٿان شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري هراسان جو الزام لڳايو ويو آھي شاگردياڻين کي ۽ الزام ھيٺ آيل طارق ڦلپوٽو کي جاچ لاءِ گھرايو ويندو اسان جي يونيورسثي ۾ تمام سختي آھي تنھن ھوندي به معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ھن چيو ته  الزام ھيٺ آيل ملازم ڪانٽيجنسي تي  ڀرتي ٿيل آھي ھن کان  روزانو جي بنياد تي  ڪڏھن اٽينڊنٽ ته ڪڏھن پوائنٽ جي ڪنڊيڪٽر طور ڪم ورتو وڃي ٿو معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل اٽينڊنٽ جي والد عطا محمد ڦلپوٽو چيو ته  اسان کي معاملي جي خبر ناھي پوليس گھر تي چڙھائي ڪري منھنجي ننڍي پٽ کي گرفتار ڪري کڻي وئي آھي

طارق ڦلپوٽو اڳوڻي صوبائي وزير جي پرچي تي 2013ع ۾ ڀرتي ٿيو هو

شڪارپور:يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري هراسان ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل طارق ڦلپوٽو   2013 ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جي پرچي تي شيخ اياز يونيورسٽي ۾ ڪانٽريڪٽ تي   ڀرتي ٿيو طارق ڦلپوٽو شيخ اياز يونيورسٽي ۾ ٻارنھن سالن کان ڪم ڪندڙ آھي عوامي اواز پاران الزام ھيٺ ايل يونيورسٽي اٽينڊنٽ سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو آھي

سياسي سماجي اڳواڻن پاران  اٽينڊنٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

شڪارپور:شھر جي سياسي سماجي ڌرين پاران شيخ اياز يونيورسٽي ۾ نياڻين کي حراسان ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل اٽينڊنٽ خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ايڊووڪيٽ ظفر چنو چيو ته يونيورسٽي انتظاميا واقعي جي شفاف جاچ ڪري الزام ثابت ٿيڻ تي سخت ڪاروائي ڪري ته  جيئن آئندہ ڪو به اھڙي جرئت ڪري، لالا حسن پٺاڻ چيو ته  انتظاميا  شفاف جاچ ڪري نياڻين کي تحفظ فراھم ڪري يونيورسٽي ۾ اھڙي عمل جي ڪڏھن به اجازت نه ڏيندا سين سيد سراج شاھ  چيو ته اڳ ئي والدين کي نياڻين کي پڙهائڻ ۽ پڙهڻ لاءِ جتن ڪرڻا ٿا پون اهڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ وارن کي سيکت ۽ سزا اچڻ گهرجي انتظاميان ايڪشن وٺي ۽ سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سماجي اڳواڻ راشد لاشاري چيو ته انتظاميا لاپرواھي ڪئي ته پوءِ ڪير به ھجي پرواھ نه ڪبي شھر جو نوجوان شھر جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ھوڏانھن انھي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪيل ابڙو سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.