سنڌ ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ادارا تيار رهن: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ امڪاني شديد برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورا ادارا تيار رهن، صوبائي، ضلعي، بلدياتي ادارا امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن، شهري علائقا خصوصي طور تي سامونڊي هنڌن تي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، حب ڊيم ۽ ٻين آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح تي مسلسل نظر رکي وڃي، جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عمل پڻ ڪيو  وڃي، عوام کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ضلعي ۽ تعلقي سطح تي رليف مشينري ۽ عملو هر وقت تيار رهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.