لاهور (امداد سومرو) سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ دعوائون ڪيون پيون وڃن ته موجوده حڪومت رڳو ٽي مهينا وڌيڪ هلندي ۽ جنوري ۾ نئون نظام اچي سگهي ٿو. دعويٰ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته بند ڪمرن ۾ وڏين ملاقاتن ۾ اهڙي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه سياسي ڪاروباري شخصيتن کي وزارتن جون آڇون به ملي رهيون آهن. اوهان کي ياد هوندو ته ڪاروباري شخصيتون ڪنهن ڪنهن سان ملاقاتون ڪنديون رهيون آهن. يا ته ملاقاتون ڪرڻ وارا پنهنجي خواهش تي ڳالهيون پيا ڪن يا پرو پيگينڊا ڪئي پئي وڃي پر اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. تجزئي ڪار چون ٿا ته حڪومت شايد ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين هلي، پر ان کان پوءِ تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن ميان عامر محمود تي نون صوبن جو جنون چڙهيل آهي. پر ائين لڳي ٿو ته 2029 تائين حڪومت ائين ئي هلندي رهندي پر اختلاف رهندا.