حيدرآباد(رپورٽر) پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران "ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياھه مٿان ڊيم ۽ ڪئنالن اڏڻ ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف” حيدرآباد ۾ گل سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن، ڪارڪنن، عورتن، ھارين ۽ پورهيتن شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر ايڊووڪيٽ مسرور شاھه، جنرل سيڪريٽري نثار لغاري، مرڪزي اڳواڻ ورثا پيرزادو ۽ دوست علي لغاري ڪئي. احتجاجي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي سنڌو درياهه تي ڪينال ۽ ڊيم اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي زمينن تي قبضي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي مسرور شاھه چيو ته 2023ع کان نگران حڪومت ۽ ھاڻ پيپلز پارٽي جي سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين اسٽيبلشمينٽ جي ٺاھيل ڪمپني گرين پاڪستان انيشيٽو پرائويٽ لميٽيڊ کي ڏني آھي، سنڌ جون زمينون سنڌ جي عوام خاص ڪري سنڌ جي ھارين ۽ پورھيتن جي ملڪيت آھن، انهن زمينن کي سنڌ سرڪار غير آئيني طور تي خانگي ڪمپنين کي ڏئي سنڌ جي زرعي معيشت، ننڍي آبادگار ۽ عام ھاري جي گذر سفر جي وسيلن کي تباھه ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو آھي. نثار لغاري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پاڻي جي وسيلن خاص طور تي سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي ڌاڙو ھڻڻ وارو ارادو اڄ به حڪمرانن وٽ موجود آھي. پنجاب اندر موجوده ٻوڏ اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي ته درياهن جي قدرتي وھڪرن ۽ لنگھن کي بحال ڪرڻ سان ئي اسان جو مستقبل محفوظ آھي، ڊيم دنيا ۾ رد ٿيل ماڊل آھي. ورثا پيرزادو چيو ته ملڪ ۾ سخت مرڪزيت پسند ماڊل مڙھڻ جي ڪوشش جاري آھي. معدنيات، تيل ۽ گئس جي وسيلن کي ڦرڻ لاءِ قانونسازي جي ڪوشش ٿي رھي آھي. جنھن ۾ سڀ اختيار مرڪز جي حوالي ڪيا پيا وڃن. ريلي ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس جو چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ حمز علي چانڊيو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، عوامي ورڪرز پارٽي جو اڳواڻ ضياء ڀٽي، چوڙي ورڪرز يونين جي اڳواڻ جميلا ۽ سينيئر وڪيل اندرجيت لوهاڻو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، سنڌو درياهه مٿان ڊيم ۽ ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.