دٻاءُ باوجود مراد علي شاهه اين ايف سي،ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ بابت پنهنجي موقف تي قائم

ڪراچي(حنيف دوامي) وڏو وزير اين ايف سي ايوارڊ،ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي دٻاءُ باوجود پنهنجي موقف تان في الحال هٽڻ لاءِ تيار ناهي،کيس خبر آهي ته هن خلاف ٻٽي شهريت وارو ڪيس کلي ويو آهي،مراد علي شاهه جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته هن تي سنڌ جي حقن تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،مراد علي شاهه جو موقف آهي ته مان وڏوزارت ته ڇڏي سگهان ٿو،سياست به ڇڏي سگهان ٿو پر سنڌ ڌرتي سان غداري نٿو ڪري سگهان، اين ايف سي ايوارڊ تي سڀ کان وڌيڪ مان ڳالهائيندو آهيان،وڏي وزير جي ويجهن ذريعن موجب ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ حڪومت تي دٻاءُ آهي،ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان سهولتون ڏيڻ لاءِ به ”مٿان“ کان حڪم ملي رهيا آهن،ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري اها زمين به ”ادارن“ حوالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي،هڪ لساني جماعت تي به هٿ رکيو ويو آهي،گورنر هائوس کي به بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 08 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.