صوابي (ويب ڊيسڪ) صوابي ۾ پوليس هڪ ٽڪ ٽاڪر کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ٽڪ ٽاڪ تي ڇوڪري بڻجي وڊيوز شيئر ڪندو هو.
صوابي پوليس جي ترجمان موجب ٽڪ ٽاڪر عبدالمعيز ڇوڪريءَ جي روپ ۾ نازيبا وڊيوز تيار ڪري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيو هو، جنهن سبب ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ بيچيني پکڙيل هئي.
صوابي ٿاڻي تي ان ٽڪ ٽاڪر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اڳتي اهڙين غير اخلاقي سرگرمين کان پري رهڻ جو واعدو ڪيو آهي.
پوليس موجب عبدالمعيز کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هو قانون کي منهن ڏيندو.
You might also like