هوسٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ۾ گهر جي گهنٽي وڄائي ڀڄڻ تي 11 ورهين جي ٻار کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هوسٽن ۾ 11 ورهين جو ٻار جو جوليان گوزمان پنهنجي سئوٽ سان گڏ هڪ تقريب تان موٽي رهيو هو ته هن پاڙي ۾ گهر جي گهنٽي وڄائي ڀڄڻ جي شرارت جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻيو.
پوليس موجب جوليان ۽ سندس سئوٽ ڪجهه گهرن جي گهنٽي وڄائي فرار ٿيا، رات جو تقريبن 11 وڳي 42 ورهين جي ليون ٻه گوليون هلايون، جن مان هڪ جوليان کي لڳي، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته گوليون هلائيندڙ ليون هڪ اڳوڻو فوجي آهي، جيڪو افغانستان ۾ مقرر رهي چڪو آهي ۽ ٽيڪساس نيشنل گارڊ جو رڪن به رهي چڪو آهي، کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like