عبدالرزاق به تمنا ڀاٽيا سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو آهي ته ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا سان هڪ ايونٽ دوران ملاقات ٿي، هئي، ماڻهو جيڪو چئي رهيا آهن اهڙو ڪجهه به ناهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبدالرزاق ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا سان لاڳاپن جي ترديد ڪندي چيو ته منهنجي ان سان ملاقات 12 سال اڳ ٿي هئي، اتي هڪ شوٽ ٿيو ۽ ان کانپوءِ سڀ ختم ٿي ويو، منهنجي خيال ۾ هوءَ هڪ سٺي اداڪارا آهي.
واضح رهي ته تمنا ڀاٽيا پڻ عبدالرزاق سان لاڳاپن جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو هو ته اهڙيون ڳالهيون شرمناڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.