مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن جا بجلي بل معاف ڪرڻ ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
مظفر ڳڙهه جي علائقي ٺٺه سيال ۾ ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آبادگارن کي ٻِج ۽ ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته سندن بجلي بل به ختم ڪيا وڃن.
هن چيو ته هي سياسي بيان بازيءَ جو وقت ناهي، اهو نه ڏسجي ته متاثر شخص ڪهڙي ڌر سان تعلق رکي ٿو، ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيهڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، حقدار متاثرن تائين صحيح امداد پهچائڻ لاءِ بهترين ذريعو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي.