ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي عبدالله ڳوٺ مان گهران ڪاوڙجي نڪتل نينگر جو پتو نه پيو، جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن. 15 ورهين جي نينگر برڪت جي پيءُ مبارڪ علي صحافين کي ٻڌايو ته پٽ 2 سيپٽمبر اڱاري ڏينهن گهران ڪاوڙجي نڪري ويو، ان جي گهڻي ڳولا ڪئي آهي پر هٿ ناهي اچي سگهيو، جنهن سبب سخت پريشان آهيون. هن چيو ته اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جيڪڏهن هو ڪنهن کي هٿ اچي ته مهرباني ڪري اسان سان هن نبمر 03171208844 تي رابطو ڪري.