ڀارت وري پاڻي ڇڏي ڏنو، ٻوڏ الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستان کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته درياهن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستاني اختيارين کي ٻوڏ وهڪرو ڇڏڻ بابت آگاهه ڪيو آهي.
اطلاع ملڻ کانپوءِ آبي وسيلن واري وزارت طرفان فلڊ الرٽ جاري ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي سبب ستلج درياهه ۾ هريڪي زيرين ۽ فيروزپور زيرين وٽ مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي.
ٻئي پاسي ستلج ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ بعد عارف والا تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ وسنديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.
ان کانسواءِ بهاولنگر ۾ به ٻوڏ سبب ڪيئي ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، جتي ٻارن جو وڏو انگ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.