قومي ميڊيا تي وڏن ڊيمن جي مهم پئي هلي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، علي محمد پرويز ۽ مجيد ساگر پرهياڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڀاشا ڊيم هجي يا ڪالاباغ سنڌي قوم سمورن ڊيمن ۽ ڪئنالن کي رد ٿي ڪري. سنڌو تي ڪو به ڪئنال، ڊيم يا ڪٽ برداشت نه ڪبو، ڊيم ۽ ڪئنال سنڌو درياهه ۽ سنڌ ڌرتي جو وجود مٽائڻ جي سازش آهن، پنجاب ۽ هندستان طرفان ڊيم ٺاهي پاڻي روڪڻ سبب سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ملي جنهنڪري 92 سيڪڙو انڊس ڊيلٽا ختم ٿي وئي، سمنڊ سنڌ جي 35 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. سوين ڳوٺ سمنڊ ۾ اچي ويا آهن، سنڌي ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم آهن. پر نام نهاد قومي ميڊيا تي سنڌين جا ڳوٺ سمنڊ ۾ وڃڻ واريون خبرون گم ڪري ڊيمن جي مهم هلائي ست ڪروڙ سنڌي جو آواز دٻايو ويو آهي، اردو ميڊيا مريم نواز سرڪار کي فيس سيونگ ڏيڻ لاءِ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جون تڪليفون لڪائي نون ڊيمن جي مهم تي زور ڏئي رهي آهي.  اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، سنڌو درياهه تي قبضو سنڌين جي نسل ڪشي برابر آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ هلندڙ مهم پنجاب سرڪار جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي سازش آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي عوام دشمن مهم فوري بند ڪئي وڃي. ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن لاءِ رکيل بجيٽ سنڌو درياهه جي وهڪرن جي بحالي تي خرچ ڪئي وڃي. ان سان گڏ هندستان ۽ پاڪستان جي گٽرن ۽ زهريلي مادي وارن گندن نالن جو سنڌو ۾ ڇوڙ وارو سلسلو فوري طور بند ڪري سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي شفافيت برقرار رکي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.