ملڪ ۾ اٽي جو بحران، سنڌ ۾ مهيني اندر اٽو 30 رپين تائين مهانگو

ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ سرڪل جي چيئرمين جنيد عزيز خبردار ڪيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جون قيمتون عالمي مارڪيٽ کان به وڌيڪ آهن. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ته بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو. هن وقت ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن، جڏهن ته پنجاب مان ڪڻڪ جي چرپر تي بندش پڻ حالتن کي خراب ڪري رهي آهي. انگن اکرن موجب، پهرين آگسٽ کان وٺي هاڻي تائين ڪڻڪ جي قيمت ۾ 35 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي قيمت ۾ 29 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي. پهرين آگسٽ تي  ڪڻڪ جي قيمت 62 رپيا في ڪلو هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر تائين وڌي 97 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي. اهڙي طرح، اڍائي نمر اٽو 76 رپيا في ڪلو مان وڌي 99 رپيا في ڪلو ۽ فائن اٽو 79 رپيا مان وڌي 108 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. مقامي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 96 رپيا في ڪلو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ اها 85 رپيا في ڪلو آهي. جنيد عزيز چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايندڙ هفتي ڪڻڪ جاري ڪري ٿي ته قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ 15 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي ۽ درآمد جو اختيار فلور ملز يا ٽي سي پي کي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ٽريڊرز ڪڻڪ مهانگي اگهن تي وڪڻن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.