مها ٻوڏ چوڻ وقت کان اڳ آهي، ڊيلٽا لاءِ به پاڻي ضروري آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته صوبائي مانيٽرنگ سيل ڏينهن رات سرگرم عمل آهي ۽ هر معاملي جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد ٽي لک ٻاويهه هزار ست سئو ستر (322,770) ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو ٽي لک پنجانوَي هزار ٻه سئو اٺ (395,208) ڪيوسڪ آهي. پنجاب کان پاڻي جي آمد ۾ اڃا ٽي ڏينهن لڳڻ جو امڪان آهي ۽ اُتي کان اميد کان گهٽ پاڻي پهچي رهيو آهي. ان کان علاوه ڀارت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پنج لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو پاڪستان ڏانهن ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. صرف گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران اٺاويهه هزار نَو سَو چاليهه (28,940) ماڻهن کي امڪاني متاثر. سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته "سپر فلڊ” بابت هن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، ڇو⁠تہ حالتون هر ڏينهن تبديل ٿي رهيون آهن. في الحال ڪنهن به ڪَٽ جي ضرورت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جو تصور گهٽ ڪيو ويندو آهي، عام طور تي پاڻي کي ان جي قدرتي وهڪري سان رهڻ ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته ڊيم سوچي سمجهي ٺهندا آهن. ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻوڏن ۾ شدت جو خدشو آهي، جنهن کانپوءِ پنج سال خشڪ سالي به ممڪن آهي. هن چيو ته پاڻي هڪ قيمتي نعمت آهي، جنهن لاءِ بهتر منصوبا⁠بندي لازمي آهي. اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي قومي يڪجهتي سان سوچڻو پوندو ڊيلٽا لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي ضروري آهي، ٻي صورت ۾ آبي حيات کي خطرا لاحق ٿي وڃن ٿا، سمنڊ زمين کي کائي ٿو ۽ زرعي زمينون متاثر ٿين ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.