”سموسا ڇو نه آندئي“ زال پيڪا گهرائي ورتا، مڙس کي ٺاهوڪي مارَ، ڳالهه پوليس تائين پهچي وئي

ڀارت ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي زال سموسا نه آڻڻ تي مڙس کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
اهو واقعو اتر پرديش رياست جي ڳوٺ پليڀت ۾ پيش آيو، جتي زال سنگيتا سموسا نه آڻڻ تي مڙس شيوم کي ڏند چڪ کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻايو.
سنگيتا شيوم کي ڪم تان موٽندي سموسا آڻڻ جو چيو، مڙس کان اها ڳالهه وسري وئي، جنهن تي تڪرار پيدا ٿيو.
زال ڪاوڙ ۾ ٻئي ڏينهن پنهنجي گهر وارن کي گهرائي ورتو ۽ هڪ پنچائت ويهاري وئي، جنهن ۾ مڙس کي زال پنهنجي والدين ۽ مامن سان گڏجي تشدد جو نشانو بڻايو.
واقعي کانپوءِ مڙس جي ماءُ پوليس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جنهن ۾ سنگيتا جي والدين ۽ مامن کي به نامزد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس تشدد جي الزام ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
اهو واقعو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي ماڻهو زال ۽ ان جي مالڪن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.