ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان مشي خان پاڪستان ۾ وڌندڙ فحاشي ۽ جسم فروشي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سماجي بگاڙ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ قانوني ادارا ان خلاف اثرائتي ڪارروائي نه پيا ڪن.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ هن چيو ته هوءَ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي وڊيو ڏسي چڪي آهي، جن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت وڏن شهرن جي روڊن تي رات جو ڇوڪريون، عورتون ۽ ٽرانس جينڊر بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪي جنسي خدمتون پيش ڪن ٿا.
مشي خان چيو ته اهو رجحان سماج ۾ تيزيءَ سان عام ٿي رهيو آهي ۽ قانوني ادارا ان خلاف ڪا ڪارروائي نٿا ڪن.
هن مساج پارلر، ماڊلنگ جي نالي تي اسڪارٽ سروسز، وي آءِ پي ڇوڪريون، وڏن هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز ۾ ٿيندڙ غير اخلاقي سرگرمين جي به نشاندهي ڪئي.
اداڪارا چيو ته هن وڌندڙ فحاشيءَ سبب ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته ٻارن ۾ منشيات جو استعمال ۽ بيهوده تقريبون به عام ٿي رهيون آهن.
مشي خان موجب سماج ۾ وڌندڙ فحاشي ۽ غير اخلاقي سرگرميون عام ٿي رهيون آهن ۽ پوءِ ماڻهو شڪايت ڪن ٿا ته ٻوڏ ڇو ٿي اچي.
هن زور ڏنو ته اهڙن علائقن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن سماجي بگاڙ کي روڪي سگهجي، هي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
You might also like