ڪجهه ماڻهو ٽوائليٽ ۾ به فون گڏ کڻي ويندا آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر سخت وارننگ جاري ڪئي آهي.
گيسٽرو اينٿرولاجسٽ ڊاڪٽر جوزف سلهب موجب ٽوائليٽ ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ سان موڪن سميت ٻيا مرض جنم وٺي سگهن ٿا.
هن چيو ته ٽوائليٽ ۾ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ وقت ويهي رهندا آهن، ان سان پوندڙ غير ضروري دٻاءُ موڪن ۽ ٻين عارضن جو سبب بڻجي ٿو
سندس چوڻ هو ته اهڙن ماڻهن جي موبائل فون به ٽوائليٽ ۾ موجود انتهائي نقصانڪار جراثيمن جي آماجگاهه بڻجي ويندي آهي، جيڪي ٻين بيمارين کي جنم ڏيندا آهن.
هن چيو ته اسان کي ٽوائليٽ ۾ گهٽ کان گهٽ وقت گذارڻ گهرجي ته جيئن اسان جي خاص عضون تي وڌيڪ دٻاءُ نه پئي ۽ ان وقت کي گهٽ ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو اهو آهي ته ٽوائليٽ ۾ موبائل فون جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.
You might also like