اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي متوازن پرڏيهي پاليسي ۽ اثرائتي ملٽري ڊپلوميسي عالمي سطح تي ڪاميابين جو سبب بڻجي وئي، عالمي رسالي ”دي ڊپلوميٽ“ جي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي اهميت ۾ واڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪا جون ترجيحون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ هاڻ ان جو لاڙو ڀارت بدران پاڪستان ڏانهن وڌيڪ واضح ٿي ويو آهي. آمريڪا لاءِ ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ پاڪستان اهم ڪردار رکي ٿو، جڏهن ته تازو پاڪ-ڀارت جنگ دوران عسڪري طاقت جي حوالي سان بدلائي ڇڏيو آهي.
دي ڊپلوميٽ موجب، بدلجندڙ حالتن ۾ ڀارت لاءِ ”نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر“ جو ڪردار ادا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري سان گڏ گڏيل مفادن جي هم آهنگي وڌي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪا هاڻي ڀارت کي ڏکڻ ايشيا ۾ متبادل ڀائيوار طور نه ٿو ڏسي، آمريڪي ترجيحن ۾ تبديلي ڀارت لاءِ پريشاني جو سبب آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي سالن تائين ڀارت آمريڪي ترجيحن ۾ شامل رهيو، پر اهو دور هاڻ ختم ٿي چڪو آهي، پاڪستان هميشه ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريندو رهيو، پر پاڪستان جي دعويٰ آهي ته ڀارت هر ڀيري امن جي آڇ جو جواب ڇڪتاڻ وڌائي ڏنو، بلوچستان ۾ ڳجهي مداخلت وڌائي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ مهم هلائي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مئي 2025ع ۾ پيدا ٿيل پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ايٽمي ٽڪراءَ جي خدشن کي وڌائي ڇڏيو هو، پر آمريڪا جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڀارت جو لڳاتار ڳالهين کان انڪار آمريڪا-ڀارت لاڳاپن ۾ به بي يقيني ۽ بگاڙ جو سبب بڻجي رهيو آهي.