اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) قومي فيڊريشنز کي ڪلبز جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پي ايس بي طرفان ڳوٺن جي سطح تائين رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي آهي، ان دوران تفصيل نه ڏيندڙ فيڊريشنز غير فعال سمجهيون وينديون.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ موجب عوامي ڊيٽا بيس تيار ڪيو ويندو، جنهن سان رانديگرن ۽ انهن جي والدين کي ڄاڻ ملندي، غير فعال ايسوسيئيشنز وائکيون ٿينديون، حقيقي ڪلبز کي هٿي ملندي.
پي ايس بي جو چوڻ آهي ته ان ڊيٽا بيس سان نوجوان رانديگرن لاءِ نرسري ڪلبز اڀري سامهون ايندا، ڪاغذي فيڊريشنز ختم ٿينديون، احتساب ۽ دستاويزي نظام جي شروعات ٿيندي.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ موجب پي ايس بي فيڊريشنز جي چونڊن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن.
You might also like