لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي پٽ، شير شاهه، جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت منظور ڪري ورتي .
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جج منظر علي گل ڪئي، جتي شير شاهه جا وڪيل راڻا مدثر ۽ بئريسٽر تيمور پيش ٿيا.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون عليمه خان ۽ عظميٰ خان به عدالت ۾ موجود هيون، جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي جي گهرواري مهرين قريشي به عدالت پهتي.
ٻڌڻي دوران شير شاهه جي وڪيل راڻا مدثر موقف اختيار ڪيو ته اڃا تائين شير شاهه خلاف نه ته چالان آيو آهي ۽ نه ئي ڪو ثبوت پيش ڪيو ويو آهي، خبر ناهي ٽرائل ڪڏهن شروع ٿيندو، ان ڪري بنا سبب کيس جيل ۾ رکڻ قانوني طور درست ناهي.
وڪيل جو چوڻ هو ته جن جوابدارن تي شير شاهه کان به وڌيڪ سنگين الزام هئا، تن کي ضمانت ملي وئي آهي، جڏهن ته شير شاهه تي ڪا به سڌي ريت ڀڃ ڊاهه يا هنگامي جو الزام ناهي، رڳو هڪ جوابدار جي نشاندهي تي ڪنهن ٻئي کي ملوث نه ٿو ڪري سگهجي.
عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ۽ پوءِ شير شاهه جي ضمانت منظور ڪندي هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ عليما خان جي پٽ شاهه ريز خان کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like