راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قطر جي سول ۽ عسڪري قيادت طرفان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ذميواراڻي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قطر جي سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل جاسم محمد سان به ملاقات ڪئي.
جنرل ساحر شمشاد مرزا هاءِ ملٽري ڪوآپريشن ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته قطر آرمڊ فورسز هيڊڪوارٽر پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل ساحر شمشاد مرزا جي قطري سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتن ۾ خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جو ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقاتن دوران علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم ورجايو ويو ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ-قطر تاريخي ڀائراڻن جي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته قطري قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراني صلاحيتن ۽ قربانين جي واکاڻ ڪئي.
You might also like