اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ديزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي“ پنجاب جي ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ستلج ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ پاڻي جو موجودا وهڪرو ٽي لک 35 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو غير معمولي طور بلند آهي.
نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب، ستلج درياءَ ۾ پاڻي جي واڌ جو سبب ڀارتي ڊيمن پونگ ۽ ڀاکڙا مان پاڻي ڇڏڻ آهي، ٻئي ڀارتي ڊيم ترتيبوار 98 سيڪڙو ۽ 96 سيڪڙو ڀريل آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ستلج جي ويجهو موجود ڇهن ضلعن، قصور، اوڪاڙا، پاڪپتڻ، بوري والا، عارف والا ۽ بهاولنگر کي مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته زرعي زمينن، ٻهراڙي ۾ رهندڙ آبادي ۽ ڪمزور انفرااسٽرڪچر کي ٻوڏ وهڪرن مان خطرو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ستلج ۾ هيڊ سليمانڪي وٽ هاءِ فلڊ جي صورتحال متوقع آهي، جتان پاڻي جو خارج اٽڪل 132000 ڪيوسڪ ٻڌايو پيو وڃي.
ان سان گڏوگڏ ستلج ۾ هيڊ اسلام وٽ تي وچولي کان مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي، جتان هن وقت پاڻي جو خارج لڳ ڀڳ 95700 ڪيوسڪ آهي.
نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب، ڀارتي ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ جو سلسلو جاري رهڻ سبب ستلج ۾ ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي.