سنڌ ۾ جنهن ٻوڏ جو خدشو هو، پاڻي ان کان گهٽ آهي، لڳي ٿو ڪٿي به ڪٽ نه هڻڻو پوندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته حڪومت صوبي ۾ ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري چڪي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ جيتري ٻوڏ جو خدشو هو، پاڻي ان کان گهٽ آهي، لڳي ٿو ته اسان کي ڪٿي به ڪٽ نه هڻڻو پوندو، سنڌ حڪومت ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته اڃا تائين وفاقي حڪومت يا اين ڊي ايم اي کان مدد وٺڻ جي ضرورت ناهي پئي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڊيم بابت بيان تي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪالا باغ ڊيم بابت گنڊاپور جي بيان تي پي ٽي آئي پاڻ چيو آهي ته اها سندس ذاتي راءِ آهي، جنهن بيان کي سندس پارٽي ئي نه پئي مڃي ته پوءِ اسين ان کي ڇو اهميت ڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.